Ezekiel 28:18 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
پنهنجن گناهن جي گهڻائيءَ کان، پنهنجي واپار جي بڇڙائيءَ ڪري، تو پنهنجا پاڪ مڪان ناپاڪ ڪري ڇڏيا آهن؛ تنهنڪري مون تنهنجي وچ ۾ باهہ آندي آهي، جنهن توکي ڳڙڪائي ڇڏيو آهي، ۽ تنهنجي سڀني ڏسڻ وارن جي روبرو مون توکي زمين تي ساڙي رک ڪري ڇڏيو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تو پنهنجي گھڻي بدڪاريءَ ۽ واپار ۾ بيايمانيءَ جي ڪري، پنهنجي مذهبي پاڪ جاين کي بہ پليت ڪري ڇڏيو آهي. تنهنڪري مون تنهنجي شهر کي باهہ ڏيئي ساڙي رک ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي جتي تنهنجو شهر اڏيل هو، تتي هر ڪنهن کي رڳو رک ئي رک ڏسڻ ۾ ٿي اچي.