Ezekiel 28:25 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جن قومن ۾ اسرائيل جو گهراڻو ڇڙوڇڙ ٿي ويو آهي، تن مان جڏهن آءٌ انهن کي گڏ ڪندس، ۽ ٻين قومن جي روبرو هو منهنجي پاڪيزگي ظاهر ڪندا، تڏهن هو انهي پنهنجي زمين ۾ رهندا، جا مون پنهنجي ٻانهي يعقوب کي ڏني هئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند خدا وڌيڪ فرمايو تہ ”جن قومن ۾ بني اسرائيل ڪڻو ڪڻو ٿي ويا آهن، تن مان جڏهن آءٌ کين آڻي گڏ ڪندس، تڏهن آءٌ قومن جي روبرو هنن کان پنهنجي پاڪيزگي ظاهر ڪرائيندس. پوءِ بني اسرائيل پنهنجي انهيءَ ملڪ ۾ رهندا، جيڪو مون پنهنجي ٻانهي يعقوب کي عطا ڪيو هو.