Ezekiel 28:26 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
پوءِ هو انهيءَ ۾ سلامتيءَ سان رهندا، بلڪ هو گهر جوڙيندا ۽ ڊاک جا منهہ لڳائيندا ۽ سلامتيءَ سان پيا گهمندا؛ اُهي سڀ جي هن جي چوڌاري هن تي نفرت ٿا ڪن، تن تي آءٌ فتوائن جي تعميل ڪندس؛ تڏهن هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند سندن خدا آهيان.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ ملڪ ۾ هو سلامتيءَ سان رهندا، گھر جوڙيندا ۽ انگورن جا باغ لڳائيندا. هائو، جڏهن آءٌ سندن آسپاس وارا سڀيئي ماڻهو جيڪي کانئن حقارت ڪندا هئا، تن کي سزا ڏيندس، تڏهن اهي امن وَ امان ۾ پيا گذاريندا. پوءِ هو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند سندن خدا آهيان.“