Ezekiel 29:15 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
اُها سڀ کان خسيس بادشاهت ٿيندي، اُها وري ڪڏهن بہ ٻين قومن ۾ پنهنجو مٿو مٿي نہ کڻندي: ۽ آءٌ انهي کي اهڙو گهٽائيندس جو هو وري قومن تي ڪڏهن بہ حڪومت نہ هلائيندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سندن بادشاهت ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خسيس هوندي ۽ وري ڪڏهن بہ ٻين قومن تي حڪومت ڪرڻ جي طاقت نہ رکندي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ انهيءَ کي اهڙو تہ پست ڪري ڇڏيندس، جو اهي وري ڪڏهن بہ ٻين قومن تي حڪومت هلائي نہ سگھندا.