Ezekiel 29:18 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
اي آدمزاد، بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر پنهنجي لشڪر کان صور جي برخلاف هڪڙي وڏي خدمت ڪرائي آهي، يعني سڀ ڪنهن مٿي کي گنجو ڪيائين ۽ سڀ ڪنهن ڪلهي جي کل لهرايائين: انهي هوندي بہ نہ هن کي ۽ نہ هن جي لشڪر کي صور کان سندن برخلاف ڪيل خدمت جو اُجورو مليو:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر صور شهر تي اچي حملو ڪيو ۽ گھڻي وقت تائين گھيرو ڪري ويهي رهيو. هن پنهنجي لشڪر جي سپاهين کان ايترو تہ ڳرو وزن کڻايو جو انهن جا مٿا گسي گسي گنجا ٿي ويا ۽ سندن ڪلها ڇلجي زخمي ٿي پيا. پر انهيءَ جي باوجود بہ نبوڪدنضر ۽ سندس لشڪر کي لٽ ڦر جو مال هٿ اچي نہ سگھيو.