Ezekiel 29:4 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ آءٌ تنهنجن ڄاڙن ۾ ڪُنڍيون ۽ تنهنجين ندين جون مڇيون تنهنجن ڇلرن کي چنبڙائي ڇڏيندس؛ ۽ آءٌ توکي، تنهنجين ندين جي وچ مان انهن سڀني مڇين سميت ٻاهر ڪڍي ايندس، جي تنهنجن ڇلرن کي چنبڙيل آهن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ تنهنجي ڄاڙين ۾ ڪنڍيون اٽڪائيندس، ۽ تنهنجي ڇلڙن تي تنهنجيءَ نديءَ جون مڇيون چنبڙائيندس. جڏهن آءٌ تنهنجي دريائن مان گهلي تو کي ٻاهر ڪڍندس، تڏهن اهي سڀ مڇيون تنهنجي ڇلڙن تي چنبڙيل هونديون.