Ezekiel 29:7 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
جڏهن هنن توکي هٿ کان وٺي جهليو، تڏهن تون ڀڄي پئين، ۽ تو هنن جا ڪلها ئي ڦاڙي ڇڏيا، ۽ جڏهن هنن توتي ٽيڪ ڏني، تڏهن بہ تون ڀڄي پئين، ۽ تو هنن جون چيلهيون بيهاري ڇڏيون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڇاڪاڻ تہ هنن جڏهن تو کي هٿ ۾ ٿي جھليو، تڏهن تون ٽٽي ٿي پئين ۽ سندن ڪلها زخمي ڪري ٿي وڌءِ. جيئن ڪانن جي لٺ ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃي ٿي، ۽ ٽيڪ ڏيڻ واري جي چيلهہ ڪمزور ٿي لڏي وڃي ٿي. تيئن ئي جڏهن هنن تو تي ٽيڪ ٿي ڏني، تڏهن تو هنن جي ڪابہ مدد نہ ٿي ڪئي.