Ezekiel 3:20 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
وري جڏهن ڪو سچو ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري ٿو ۽ گناهہ ڪري ٿو، ۽ آءٌ انهيءَ جي اڳيان آٿڙائڻ جو پهڻ رکان ٿو تہ اُهو مرندو؛ ڇالاءِ جو تو هن کي خبردار نہ ڪيو آهي، تنهنڪري هو پنهنجي گناهہ ۾ مرندو، ۽ جيڪي سچائي جا ڪم هن ڪيا آهن سي ياد ڪيا نہ ويندا؛ پر هن جي خون جي پڇا آءٌ تنهنجي هٿان ڄاڻي ڪندس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
وري جيڪڏهن سچار ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري وڃي بڇڙائيءَ ۾ پوندا، تہ آءٌ کين اهڙين مشڪل حالتن ۾ وجھندس جو اهي مري کپي ويندا. پر جيڪڏهن تو هنن کي خبردار نہ ڪيو تہ هو پنهنجي بڇڙاين جي ڪري مرندا. آءٌ سندن ڪيل سچائيءَ وارن ڪمن کي بہ وساري ڇڏيندس. مگر انهن جي خون جو ذميوار آءٌ تو کي بڻائيندس.