Ezekiel 30:9 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
انهي ڏينهن قاصد مون وٽان جهازن ۾ چڙهي ويندا، انهي لاءِ تہ غافل حبشين کي ڊيڄارين؛ ۽ انهن تي مصيبت پوندي، جيئن مصر واري ڏينهن؛ ڇالاءِ جو ڏس، اُهو اچي ٿو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن اهو ڏينهن ايندو، تڏهن آءٌ سوڊان وارن ڏانهن بہ پنهنجا قاصد جهازن ۾ موڪليندس، جيڪي مصر جي تباهيءَ جو اعلان ڪندا. هو سمجھن ٿا تہ مصر جي هجڻ سان امن وَ سلامتيءَ ۾ آهن، پر مصر جي برباديءَ جو اعلان ٻڌي اهي دهلجي ويندا. ڏسو، اهو وقت ويجھو ٿي رهيو آهي.