Ezekiel 31:12 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ ڌارين ماڻهن يعني قومن جي خوفناڪ ماڻهن، هن کي وڍي ڇڏيو آهي: جبلن تي ۽ سڀني وادين ۾ هن جون ٽاريون ڪِري پيون آهن، ۽ هن جا ڏار ملڪ جي سڀني نهرن جي ڀرسان ڀڄي پيا آهن؛ ۽ زمين جون سڀ قومون هن جي ڇانوَ مان هليون ويون آهن، ۽ هن کي ڇڏي ڏنو اٿن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ حاڪم جا ماڻهو ٻين قومن کان وڌيڪ هيبتناڪ آهن جيڪي انهيءَ وڻ کي وڍي هيٺ اڇلائي ڇڏيندا ۽ ان جون ٽاريون جبلن تي ۽ سڀني ماٿرين جي مٿان ڪري پونديون. ان وڻ جا ڏار ملڪ جي سڀني نهرن جي ڀرسان ڀڳا ويندا ۽ روءِزمين جون سموريون قومون انهيءَ جي ڇانوَ مان نڪري کيس ڇڏي هليون وينديون.