Ezekiel 31:14 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
انهي لاءِ تہ پاڻي جي ڀرسان بيٺل سڀني وڻن مان ڪوبہ پاڻ کي قد ۾ نہ وڌائي، ۽ نہ پنهنجي چوٽي ٿلهن ڏارن ۾ رکي، ۽ انهن ۾ جيڪي زور وارا آهن، يعني جي پاڻي پيئن ٿا، سي سڀ ڊگها ٿي نہ بيهي رهن: ڇالاءِ جو اُهي سڀ موت جي حوالي ڪيا ويا آهن، ۽ زمين جي هيٺين ڀاڱن ۾، ماڻهن جي وچ ۾ انهن سان گڏ مري کڏ ۾ ٿا وڃن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهو سڀ ڪجھہ انهن ٻين قومن لاءِ اهڙي تاڪيد ٿيندو جيڪي جھجھي پاڻيءَ جي ڀرسان بيٺل وڻ مثل آهن تہ جيئن اهي مغرور ٿي پنهنجي چوٽي آسمان تائين بلند نہ ڪن. هائو، پاڻيءَ تي پرورش وٺندڙ ڪوبہ وڻ پنهنجي بلنديءَ تي وڏائي نہ ڪري، ڇاڪاڻ تہ هر ڪنهن کي ضرور مرڻو آهي. سڀ بني آدم فاني آهن ۽ پاتال ۾ وڃي پوندا آهن. سو اهي بہ مري وڃي قبر ۾ پوندا.