Ezekiel 31:15 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن هو هيٺ دوزخ ڏانهن ويو، تنهن ڏينهن مون ماتم ڪرايو: مون هن جي لاءِ سمنڊ ڍڪي ڇڏيو، ۽ هن جون نديون روڪي گهڻا پاڻي بيهاري ڇڏيم: مون لبنان کي هن جي لاءِ ماتم ڪرايو، ۽ جهنگ جا سڀ وڻ هن جي لاءِ ساڻا ٿي پيا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جنهن ڏينهن اهو وڻ جيڪو مصر جي مثل آهي هيٺ پاتال ۾ ڪيرايو ويندو، تنهن ڏينهن آءٌ خداوند خدا دنيا ۾ ماتم وجھندس. هائو، آءٌ انهيءَ کي اونهي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ڇڏيندس. آءٌ ندين کي روڪي ڇڏيندس ۽ پاڻيءَ جو وهڪرو بيهاري ڇڏيندس. ان وڻ جي ڪرڻ ڪري آءٌ لبنان جي جبلن تي اونداهي نازل ڪندس ۽ ٻيلي جا سڀ وڻ سڪي سڙي ويندا.