Ezekiel 31:18 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
عدن جي وڻن مان شان ۽ شوڪت ۾ تون ڪنهن جهڙو آهين؟ اڃا بہ تون عدن جي وڻن سان گڏ زمين جي هيٺين ڀاڱن ۾ لاٿو ويندين: تون اڻ طهريلن جي وچ ۾، جي ترار سان ماريا ويا هوندا، تن سان گڏ پيو رهندين. خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ اهو آهي فرعون، ۽ اها سندس سڄي جماعت.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو اي مصر جا بادشاهہ! اهي سڀ ڳالهيون تو سان ۽ تنهنجي ماڻهن سان ٿينديون. تون ڪنهن وقت باغِ عدن جي سڀني وڻن کان وڌيڪ بلند ۽ مضبوط وڻ هئين، پر هاڻي تون عدن جي باغ وارن وڻن سان گڏ پاتال ۾ لاٿو ويندين. هائو، تون اڻ‌طهريلن ۽ تلوار سان ماريلن سان گڏ وڃي پوندين. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“