Ezekiel 32:2 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
اي آدمزاد، مصر جي بادشاهہ فرعون لاءِ مرثيو کڻ ۽ چئينس تہ تون قومن ۾ جوان شينهن جو مثال هئين: تہ بہ تون سمنڊ جي ازدها جهڙو آهين؛ تون پنهنجين ندين مان اوچتو نڪري ظاهر ٿيندين، ۽ پنهنجن پيرن سان پاڻيءَ ۾ ولوڙو وجهي ندين کي گندو ڪندين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! مصر جي بادشاهہ لاءِ تون هي مرثيو پڙهندي منهنجي طرفان کيس پيغام ڏي تہ ’اي فرعون! تون پنهنجو پاڻ کي قومن منجھہ هڪڙي شينهن مثل ٿو سمجھين، پر تون نيل نديءَ جي هڪڙي اجگر بلا مثل آهين، جيڪا ندين ۾ پيئي ٿاڦوڙا هڻي. تون ندين جي پاڻيءَ کي پيرن سان ولوڙي ميرو ٿو ڪرين.