Ezekiel 32:30 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
اتي سڀئي اُتر جا امير ۽ سڀيئي صيدوني آهن، جي ڪُٺلن سان گڏ هيٺ ويا آهن؛ جيڪو خوف هنن پنهنجي زور سان وڌو، تنهن جي ڪري هو شرمندا ٿيا آهن؛ ۽ هو اڻ طهريلن انهن سان گڏ پيا آهن، جي ترار سان ڪُٺل آهن ۽ پنهنجي خواري انهن سان گڏ ٿا کڻن، جي هيٺ کڏ ۾ ٿا وڃن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اتر جا سڀيئي حاڪم توڙي سڀيئي صيدوني پڻ پاتال ۾ وڌا ويندا. ڏهڪاءُ وجھندڙ هئڻ جي باوجود اهي اڻ‌طهريل بہ اتي وڃي پوندا. هو ٻين جنگ ۾ مارجي ويلن سان گڏ ذليل وَ خوار هوندا.