Ezekiel 33:10 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ اي آدمزاد، تون اسرائيل جي گهراڻي کي چئُہ، تہ اوهين جو هيئن ٿا چئو تہ اسان جا ڏوهہ ۽ اسان جا گناهہ اسان تي آهن، ۽ اسين انهن ۾ ڳرندا ٿا وڃون؛ سو اسين ڪيئن جيئرا رهون؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل قوم وارا شڪايت ٿا ڪن تہ ’اسان جي گناهن جي مليل سزا اسان جي برداشت ڪرڻ کان ٻاهر آهي. اسان کي بچي وڃڻ جي ڪا اميد نہ رهي آهي.‘