Ezekiel 33:12 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ اي آدمزاد، تون پنهنجي قوم جي ماڻهن کي چئو تہ سچار جي سچائي سندس گناهہ جي ڏينهن کيس نہ ڇڏائيندي؛ ۽ شرير جنهن ڏينهن هو پنهنجي شرارت کان ڦرندو پنهنجي شرارت ڪري نہ ڪِرندو: نڪي جيڪو سچار آهي سو انهي ڪري گناهہ ڪرڻ واري ڏينهن جيئرو رهي سگهندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اي حزقيايل! پنهنجي قوم جي ماڻهن کي ٻڌائي ڇڏ تہ جيڪڏهن سچار ڦري وڃي بدڪاريءَ وارو ڪم ڪن تہ سندن اڳئين سچائي کين سزا کان بچائي نہ سگھندي. وري بدڪار ماڻهو جڏهن پنهنجي بڇڙائيءَ کان توبهہتائب ٿيندو تہ سندس اڳي واري بدڪاري هن جي موت جو سبب نہ بڻبي. پر سچار ماڻهو جڏهن ڦري وڃي گناهہ ڪرڻ لڳندو تہ جيئرو نہ رهندو.