Ezekiel 33:13 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
جڏهن آءٌ سچي کي چوان تہ تون ضرور جيئرو رهندين؛ تڏهن جي هو پنهنجي سچائي تي ڀروسو ڪندو ۽ گناهہ ڪندو، تہ هن جي چڱن ڪمن مان ڪوبہ ياد نہ ڪيو ويندو؛ پر جيڪو گناهہ ڪيو هوندائين تنهن جي ڪري هو ضرور مرندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
فرض ڪريو تہ آءٌ سچار ماڻهوءَ کي چوان تہ ’تون ضرور جيئرو رهندين،‘ پر پوءِ هو پنهنجي انهيءَ سچائيءَ تي ئي ناز ڪندي گناهہ ڪرڻ شروع ڪري ٿو. تڏهن انهيءَ جا سچائيءَ وارا سمورا ڪم وساريا ويندا ۽ هو انهيءَ بدڪاريءَ واري ڪم جي ڪري ضرور مرندو.