Ezekiel 33:25 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهنڪري تون هنن کي چئو، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين رت سميت کائو ٿا، ۽ پنهنجون اکيون پنهنجن بُتن ڏانهن کڻو ٿا، ۽ خونريزي ڪريو ٿا، پوءِ بہ اوهين انهي زمين جا مالڪ ٿيندا ڇا؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو اي حزقيايل! تون انهن کي منهنجو هي پيغام ٻڌائي ڇڏ تہ ’اي باقي بچي ويل رهاڪؤ! اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ هي ملڪ اوهان جو آهي؟ جڏهن تہ اوهين اڃا تائين انهيءَ ملڪ ۾ رت سميت گوشت کائو ٿا، بتن جي پوڄا ٿا ڪريو ۽ خونريزي ڪندا ٿا رهو.