Ezekiel 33:27 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تون هنن کي هيئن چئو تہ خداوند خدا فرمائي ٿو، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ جيڪي ويران جاين تي رهن ٿا، سي ضرور ترار سان ڪِرندا، ۽ جيڪو کليل ميدان تي آهي، تنهن کي آءٌ جانورن جي حوالي ڪندس، تہ اُهي هن کي ڳڙڪائي وڃن، ۽ جيڪي مضبوط قلعن ۽ غارن ۾ هوندا، سي مريءَ جي سبب مرندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ اوهين جيڪي ويران ٿيل شهرن ۾ رهو ٿا تن کي آءٌ جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس، جيڪي ٻهراڙين ۾ رهو ٿا تن کي آءٌ جھنگلي جانورن جي حوالي ڪندس تہ جيئن اهي اوهان کي ڳڙڪائي ڇڏين، جيڪي مضبوط قلعن ۽ غارن ۾ رهو ٿا، تن کي آءٌ موتمار بيماريءَ سان ماري ڇڏيندس.