Ezekiel 36:12 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
هائو، آءٌ ائين ڪندس تہ ماڻهو، يعني منهنجي قوم اسرائيل اوهان تي وري گهمندا ڦرندا، ۽ اُهي تنهنجا مالڪ ٿيندا، ۽ تون انهن جي ميراث ٿيندين، ۽ تون اڳتي وري سندن ٻارن کي انهن کان جدا نہ ڪندين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هائو، اي بني اسرائيل جا جبلؤ! آءٌ پنهنجي قوم موٽائي آڻي وري اوهان تي آباد ڪندس. اهي وري اوهان تي قبضو ڪري اوهان کي پنهنجي ملڪيت بڻائيندا. سچ پچ تہ اوهان جي زمين ”آدمخور“ سڏي ٿي وڃي، ڇاڪاڻ تہ اوهان تي منهنجي قوم جا ٻار بک وگھي مري ويا آهن. پر هاڻي اڳتي اوهان جي زمين تي ڪڏهن بہ مصيبت نہ ايندي جو هنن جا ٻار بک وگھي مري وڃن.