Ezekiel 36:17 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
اي آدمزاد، جڏهن اسرائيل جي گهراڻي وارا پنهنجي ملڪ ۾ رهندا هئا، تڏهن هنن پنهنجين راهن ۽ پنهنجن ڪمن سان انهي کي ناپاڪ ڪيو: هنن جي راهہ منهنجي اڳيان اهڙي ناپاڪ هئي جهڙي حيض واري زال جي ناپاڪي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! جڏهن بني اسرائيل جا ماڻهو پنهنجي ملڪ ۾ رهندا هئا، تڏهن هنن پنهنجي هلت چلت ۽ بدڪارين سان انهيءَ کي پليت ڪري ڇڏيو. هنن جي چال چلت منهنجي اڳيان اهڙي پليت هئي جهڙي حيض واري عورت جي پليتي.