Ezekiel 36:20 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جڏهن هو انهن قومن ۾ ويا جن ڏانهن هو ويا ٿي، تڏهن هنن منهنجي پاڪ نالي جي بي ادبي ڪئي؛ جو ماڻهن انهن جي نسبت ۾ چيو تہ هيءَ خداوند جي قوم آهي ۽ هن جي زمين کان ٻاهر نڪري ويئي آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر منهنجي سزا جو نتيجو اهو نڪتو جو هو جتي بہ ويا اتي منهنجي نالي جي بيحرمتي ڪئي ويئي، ڇاڪاڻ تہ هنن کي ڏسي غير قوم وارن ائين ٿي چيو تہ ’هي خداوند جا ماڻهو آهن پوءِ بہ کين پنهنجي وطن مان نڪرڻو پيو آهي؟‘