Ezekiel 36:23 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ آءٌ پنهنجي وڏي نالي جي پاڪيزگي ظاهر ڪندس، جنهن جي اوهان قومن ۾ بي ادبي ڪئي آهي، ۽ انهن جي وچ ۾ منهنجي بي ادبي ٿي آهي؛ ۽ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ تڏهن اُهي قومون ڄاڻنديون تہ آءٌ خداوند خدا آهيان، جڏهن هنن جي اکين اڳيان اوهان ۾ منهنجي پاڪيزگي ظاهر ٿيندي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو آءٌ پنهنجي انهيءَ عظيم نالي، جنهن جي اوهان جي ڪري غير قومن منجھہ بي‌حرمتي ٿي آهي، تنهن جي پاڪيزگي ثابت ڪري ڏيکاريندس. هائو، جڏهن آءٌ اوهان کي وري بحال ڪري پنهنجي پاڪيزگي ظاهر ڪندس، تڏهن اهي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.