Ezekiel 36:3 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهنڪري نبوت ڪري چئو، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هنن اوهان کي ويران ڪيو آهي، ۽ هر طرف کان اوهان کي ڳهي ويا آهن، انهي لاءِ تہ اوهين قومن مان باقي رهيل ماڻهن جي ملڪيت ٿيو، ۽ اوهان جي نسبت ۾ ماڻهو اجايون ڳالهيون ۽ گلائون ڪن ٿا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهنڪري تون اڳڪٿي ڪندي انهن جبلن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي بني اسرائيل جي ملڪ جا جبلؤ! آسپاس وارين قومن جيڪي جنگ جي تباهيءَ کان بچي ويون هيون، تن اوهان تي قبضو ڪري هر طرف کان اوهان کي ناس ڪري ڇڏيو آهي ۽ اوهان کي ويران ڪيو اٿائون. انهيءَ ڪري ماڻهو هر هنڌ اوهان بابت گھٽ وڌ ڳالهائين پيا ۽ اوهان تي کل ٺٺولي ڪئي ٿي وڃي.