Ezekiel 36:5 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ يقيناً مون پنهنجي غيرت جي باهہ ۾، قومن مان باقي رهيلن جي برخلاف، ۽ سڄي ادوم جي برخلاف ڳالهايو آهي، جن پنهنجي سڄي دل جي خوشي ۽ اندر جي نفرت سان منهنجي زمين کي پنهنجي لاءِ موروثي ملڪيت ٺهرايو آهي، انهي لاءِ تہ انهي کي لٽجڻ لاءِ اُڇلائي ڇڏين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو آءٌ انهن غير قومن، خاص طور سڄي ادوم ملڪ جي خلاف پنهنجي سخت غيرت وچان ڳالهايان ٿو. هنن پنهنجي اندر جي نفرت ۽ حسد وچان خوش ٿي ڪري منهنجي سرزمين کي پنهنجي ملڪيت بڻائي ڇڏيو آهي، ڄڻ تہ اهو هنن لاءِ لٽ جو مال آهي.‘