Ezekiel 36:6 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهنڪري اسرائيل جي زمين جي نسبت ۾ نبوت ڪري جبلن، ۽ ٽڪرين، ۽ نهرن، ۽ وادين کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، اوهان غير قومن جي خواري کنئي آهي، تنهنڪري مون پنهنجي غيرت ۽ پنهنجي ڪاوڙ ۾ ڳالهايو آهي:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهنڪري اي حزقي‌ايل! تون بني اسرائيل جي ملڪ بابت اڳڪٿي ڪندي جبلن، ٽڪرين، نهرن ۽ ماٿرين کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’ڏسو، جيئن تہ اوهان غير قومن جا گھڻا ئي طعنا پنهنجي سر تي سَٺا آهن، تنهنڪري آءٌ پنهنجي سخت غيرت وچان انهن قومن جي خلاف ڳالهايان ٿو.