Ezekiel 37:23 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
نڪي هو وري پنهنجن بُتن سان، يا پنهنجين نفرت جهڙين شين سان، يا پنهنجي ڪنهن بدڪاريءَ سان، پاڻ کي ناپاڪ ڪندا: پر جن جن پنهنجين رهڻ جي جاين ۾ هنن گناهہ ڪيو آهي، تن سڀني مان آءٌ هنن کي بچائيندس ۽ هنن کي پاڪ ڪندس: انهي طرح هو منهنجي قوم ٿيندا ۽ آءٌ سندن خدا ٿيندس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ اهي بتن جي پوڄا، ڪراهت جهڙن ڪمن ۽ ڪنهن بہ بدڪاريءَ سان پنهنجو پاڻ کي ڪڏهن بہ پليت نہ ڪندا. آءٌ سندن گناهہ ڌوئي کين پاڪ ڪري ڇڏيندس ۽ هر انهيءَ شيءِ کان انهن کي پري رکندس، جيڪا کين پليت ڪري. اهڙيءَ طرح هو منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ سندن خدا هوندس.