Ezekiel 38:17 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تون اُهو آهين ڇا جنهن جي بابت مون قديم زماني ۾ پنهنجي بندن نبين جي معرفت ڳالهايو، جن اُنهن ڏينهن ۾ گهڻن سالن تائين نبوت ڪري چيو، تہ آءٌ توکي هنن تي چاڙهي آڻيندس؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
گھڻو اڳي مون پنهنجي نبين جي معرفت بني اسرائيل کي خبردار ڪيو هو تہ ڪجھہ عرصي بعد آءٌ سندن دشمن لشڪرن کي مٿن چاڙهي آڻيندس. سو اي ياجوج! سندن اهو دشمن تون ئي آهين ۽ اهو ڏينهن بہ اچڻ وارو آهي.‘ اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“