Ezekiel 38:4 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
آءٌ توکي ڦيرائيندس ۽ تنهنجي ڄاڙ ۾ ڪُنڍا وجهندس ۽ توکي، توڙي تنهنجي سڄي لشڪر کي، گهوڙن ۽ گهوڙي سوارن کي، جي سڀ زرهہ سان ڍڪيل هوندا، ۽ هڪڙي وڏي سپر ۽ ڍال واري ٽوليءَ کي، ۽ سڀني ترار مارڻ وارن کي گهلي ٻاهر ڪڍندس:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ تو کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري تنهنجي ڄاڙين ۾ ڪنڍا وجھي جنگ ڪرڻ لاءِ تنهنجي علائقي مان گهلي ٻاهر ڪڍندس. تنهنجي وڏي لشڪر ۾ گھڻا ئي جنگي جوڌا، گھوڙا ۽ گھوڙي سوار هوندا جيڪي سڀيئي هٿياربند هوندا ۽ وٽن سپرون، ڍالون ۽ تلوارون هونديون، تن سڀني کي آءٌ گهلي ٻاهر ڪڍندس.