Ezekiel 39:10 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
جنهنڪري هنن کي جهنگ مان ڪابہ ڪاٺي آڻڻ جي ضرورت نہ پوندي، ۽ نہ ٻيلن مان ڪو وڻ وڍڻو پوندو؛ ڇالاءِ جو هو هٿيارن سان باهيون ٻاريندا: ۽ جن کين ٿي لٽيو، تن کي هو لٽيندا، ۽ جن کين ٿي ڦريو تن کي ڦريندا؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ايتري قدر جو هنن کي جھنگ مان ڪابہ ڪاٺي آڻڻي نہ پوندي، نڪي ٻيلن مان ڪو وڻ وڍڻو پوندو، ڇاڪاڻ تہ هو انهن هٿيارن کي ئي باهہ ۾ ٻارڻ جي ڪم آڻيندا رهندا. هو انهن کي ئي لٽيندا ۽ ڦريندا جن کين لٽيو ۽ ڦريو هو. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“