Ezekiel 39:11 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
اُنهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ آءٌ جوج کي اسرائيل ۾ دفن ٿيڻ لاءِ جاءِ ڏيندس، يعني لنگهندڙ جي وادي جا سمنڊ جي اُڀرندي پاسي آهي: ۽ اُتان لنگهي ويندڙن جو رستو بند ٿيندو: ۽ اُتي هو جوج ۽ سندس سڄي ٽوليءَ کي دفن ڪندا: ۽ انهي جو نالو هامون جوج جي وادي رکندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي حزقي‌ايل! ياجوج کي تباهہ وَ برباد ڪرڻ کان پوءِ آءٌ بني اسرائيل جي ملڪ ۾ سمنڊ جي اوڀر طرف عباريم ماٿريءَ ۾ سندن دفن ٿيڻ لاءِ هڪ جاءِ چونڊيندس. اتي ياجوج کي سندس سڄي لشڪر سميت دفن ڪيو ويندو، جنهن ڪري اتان لنگھندڙن جو رستو بند ٿي ويندو. پوءِ انهيءَ ماٿريءَ جو نالو ’ياجوجي لشڪر جي ماٿري‘ پئجي ويندو.