Ezekiel 39:14 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هو ڪن ماڻهن کي چونڊي ڌار ڪندا جي انهي ڪم ۾ هميشہ مشغول رهندا؛ ۽ هو راهہ لنگهندڙن جا مڙهہ، جيڪي زمين تي رهجي ويا هوندا تن کي دفن ڪرڻ لاءِ ملڪ مان گذرندا تہ زمين صاف ٿي وڃي: ستن مهينن گذرڻ کانپوءِ هو تلاش ڪندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهن ستن مهينن جي پوري ٿيڻ تائين ماڻهن جو هڪڙو ٽولو چونڊي ڪڍيو ويندو، جيڪو پوري ملڪ ۾ دفن ٿيڻ کان رهجي ويل ڪاهہ ڪندڙن جي لاشن کي دفن ڪرڻ جي ڪم ۾ مشغول ٿي ويندو، انهيءَ لاءِ تہ ملڪ کي بلڪل پاڪ ڪري ڇڏجي.