Ezekiel 39:17 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
اي آدمزاد، خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ هر ڪنهن قسم جي پکين ۽ جهنگ جي سڀني جانورن کي چئُہ تہ اوهين گڏ ٿي اچو؛ اوهين انهي قربانيءَ لاءِ سڀ ڪنهن پاسي کان گڏ ٿيو جا آءٌ اوهان جي لاءِ قربان ٿو ڪريان، بلڪ اسرائيل جي جبلن تي وڏي قرباني ٿو ڪريان تہ اوهين گوشت کائو ۽ رت پيئو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند خدا مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! انهيءَ جنگ لاءِ تون سڀني پکين کي سڏائجانءِ، بلڪ سڀني جھنگلي جانورن کي بہ. هائو، کين سڏائجانءِ تہ جيئن اهي چئني طرفن کان اچي اها قرباني کائين جيڪا آءٌ هنن لاءِ تيار پيو ڪريان. اها بني اسرائيل جي جابلو علائقن ۾ هڪڙي وڏي دعوت هوندي، جنهن ۾ هو ماس کائيندا ۽ رت پيئندا.