Ezekiel 4:16 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
هيترو بہ وڌيڪ هن مون کي چيو، تہ اي آدمزاد، ڏس، آءٌ يروشلم ۾ مانيءَ جي لٺ ڀڃي ڇڏيندس: ۽ هو ماني تور سان ۽ ڳڻتيءَ سان کائيندا، ۽ هو پاڻي ماپ سان ۽ حيرانيءَ سان پيئندا:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند مون کي انهيءَ مثال جي سمجھاڻي هيئن ڏني تہ ”اي آدمزاد! ڏس، آءٌ باقي بچيل يروشلم وارن کان فاقا ڪڍائيندس. هنن وٽ ايترو تہ ٿورو کاڌو ۽ ايترو تہ ٿورو پاڻي هوندو جو اهي حيران وَ پريشان ۽ نااميد ٿي ويندا.