Ezekiel 40:4 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ انهي ماڻهو مون کي چيو تہ اي آدمزاد، پنهنجين اکين سان ڏس، ۽ پنهنجن ڪَنن سان ٻڌ، ۽ جيڪي آءٌ توکي ڏيکاريان تنهن تي دل سان ڌيان ڏي؛ تہ آءٌ توکي اهي ڏيکاريان: ڇالاءِ جو تون هتي انهي لاءِ آندو ويو آهين تہ جيڪي تون ڏسين ٿو سو تون اسرائيل جي گهراڻي کي بيان ڪري ٻڌاءِ.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ ماڻهوءَ مون کي چيو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! ڪن ڏيئي ٻڌ ۽ جيڪي بہ آءٌ تو کي ڏيکاريان ٿو، تنهن تي دل وَ جان سان ڌيان ڏي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ لاءِ ئي تو کي هتي آندو ويو آهي. سو جيڪي ڪجھہ تون ڏسين سو بني اسرائيل کي بيان ڪري ٻڌائج.“