Ezekiel 40:44 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
اندرئين دروازي جي ٻاهران ڳائڻ وارن جون ڪوٺيون اندرئين ايوان ۾ هيون، جو اُتر واري دروازي جي پاسي هو؛ ۽ انهن جو رخ ڏکڻ ڏانهن هو: اُڀرندي واري در جي پاسي ۾ جيڪا ڪوٺي هئي، تنهن جو رخ اُتر ڏانهن هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ وري اهو ماڻهو مون کي هيڪل جي اندرين اڱڻ ۾ وٺي آيو. اتي مون ٻہ ڪمرا ڏٺا جن جا دروازا اندرين اڱڻ ڏانهن ٿي کُليا. هڪڙو ڪمرو اتر واري لنگھہ جي ڀرسان هو جنهن جو رخ ڏکڻ ڏانهن هو ۽ ٻيو ڏکڻ واري لنگھہ جي ڀرسان هو، جنهن جو رخ اتر ڏانهن هو.