Ezekiel 40:5 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ ڏسو، گهر جي چوڌاري ٻاهران هڪڙي ڀِت هئي، ۽ انهي ماڻهو جي هٿ ۾ ماپ ڪرڻ جو هڪڙو ڪانو هو، جو ڇهہ هٿ ڊگهو هو؛ ۽ هرهڪ هٿ جي ماپ، ماڻهوءَ جي هٿ ۽ هٿ جي موڪرائي جيتري وڌيڪ هئي: اُنهي سان هن انهي عمارت جي ويڪر ماپي تہ هڪڙو ڪانو هئي، ۽ ڊيگهہ بہ هڪڙو ڪانو ٿي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن مون پهرين شيءِ جيڪا ڏٺي سا هيڪل جي چوديواريءَ واري ٻاهرين ڀت هئي، جيڪا سڀني عمارتن جي چوڌاري ڏنل هئي. انهيءَ ماڻهوءَ جي هٿ ۾ ماپڻ جو جيڪو ڪانو هو سو ٽي ميٽر ڊگھو هو، جنهن سان هن ڀت جي ماپ ورتي تہ اها ٽي ميٽر اوچي ۽ ٽي ميٽر ويڪري هئي.