Ezekiel 40:7 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ سڀڪا ڪوٺي هڪڙو ڪانو ويڪري هئي؛ ۽ ڪوٺين جي وچ ۾ وڇوٽي پنج هٿ هئي؛ ۽ در جي چانئٺ اڳ واري در جي ايوان وٽ گهر جي پاسي هڪ ڪانو هئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ جي پويان لنگھہ جي ٻنهي پاسن تي پهريدارن لاءِ هڪٻئي جي سامهون ٽي ٽي ڪمرا ٺهيل هئا. هر هڪ ڪمرو چورس هو، جنهن جي هر پاسي جي ماپ ٽي ميٽر هئي ۽ انهن ڪمرن جي وچ ۾ اڍائي اڍائي ميٽرن جي وڇوٽي هئي. اڳتي هلي لنگھہ ۾ اندرئين پاسي واري هڪ ٻي چانئٺ هئي جيڪا بہ ٽي ميٽر ويڪري هئي. انهيءَ کان اڳتي هڪڙو هال هو جنهن جي ٻئي پاسي تي هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ ۾ داخل ٿيڻ وارو دروازو هو.