Ezekiel 43:13 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ قربانگاهہ جون ماپون هٿن جي حساب سان هي آهن: (هڪ هٿ جي ماپ آهي ماڻهوءَ جو هٿ، ۽ هٿ جي موڪرائي.) پائو هڪ هٿ ٿيندو ۽ ويڪر هڪ هٿ، ۽ ان جو ڪنارو چوڌاري اُن جي وٽ سان اٽڪل هڪڙي گرانٺ: اهو ٿيندو قربانگاهہ جو پائو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جهڙي نموني سڄي هيڪل جي ماپ ڪئي ويئي هئي انهيءَ ساڳي پيماني مطابق قربانگاهہ جون ماپون بہ هن ريت آهن. قربانگاهہ جي بنياد جي چوڌاري نالي ٺهيل هئي، جيڪا اڌ ميٽر اونهي ۽ اڌ ميٽر ويڪري هئي. انهيءَ ناليءَ جي چوڌاري ميٽر جي چوٿين حصي جيتري اوچي ڪناري ٺهيل هئي. قربانگاهہ جي بنياد کان وٺي چوٽيءَ تائين ماپ هن ريت آهي.