Ezekiel 43:18 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن هو قربانگاهہ جوڙيندا، تنهن ڏينهن ان جا قانون هي ٿيندا، ۽ انهي لاءِ تہ انهي تي ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪن، ۽ انهي تي رت ڇاٽارين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند خدا مون کي فرمايو تہ ”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! جڏهن قربانگاهہ تعمير ٿي وڃي تڏهن جيڪي قاعدا قانون آءٌ کيس وقف ڪرڻ لاءِ تو کي هاڻي ٻڌايان ٿو، تن تي تون عمل ڪراءِ. تنهن کان پوءِ اها قربانگاهہ ساڙڻ واريون قربانيون پيش ٿيڻ لاءِ ۽ قرباني ڪيل جانورن جو رت ڇٽڪارڻ لاءِ مخصوص ٿيندي.