Ezekiel 43:7 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ اُنهي مون کي چيو تہ اي آدمزاد، هيءَ منهنجي تختگاهہ آهي، ۽ منهنجي پيرن جي ترين رکڻ جي جاءِ آهي، جتي آءٌ هميشہ لاءِ بني اسرائيل جي وچ ۾ رهندس: ۽ اسرائيل جو گهراڻو اڳتي وري منهنجي پاڪ نالي کي پنهنجي زناڪاريءَ سان، ۽ پنهنجن مٿانهن مڪانن تي پنهنجي بادشاهن جي لاشن سان، ناپاڪ نہ ڪندو، ۽ نہ هو ۽ نہ سندن بادشاهہ.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! ڏس، هي هيڪل ڌرتيءَ تي منهنجو تخت‌گاهہ آهي جتي آءٌ هميشہ جي لاءِ بني اسرائيل جي وچ ۾ رهي حڪمراني ڪندس. هاڻي اڳتي بني اسرائيل منهنجي پاڪ نالي جي وري ڪڏهن بہ بي‌حرمتي نہ ڪندا، يعني نہ اهي، نڪي سندن بادشاهہ غير معبودن جي پوڄا ڪندا ۽ نہ وري بادشاهن جي يادگاريءَ لاءِ مقبرا ٺاهيندا.