Ezekiel 44:5 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ خداوند مون کي فرمايو تہ اي آدمزاد، ڌيان ڏي، جيڪي آءٌ توکي خداوند جي گهر جي رسمن، ۽ انهي جي قانون بابت چوان سو سڀ پنهنجي اکين سان ڏس، ۽ پنهنجن ڪَنن سان ٻڌ؛ گهر ۾ گهڙڻ جي جاءِ کي، ۽ پاڪ مڪان مان سڀني نڪرڻ جي جاين کي ڌيان ڏيئي ڏس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! ڌيان ڏي. جيڪي ڪجھہ آءٌ خداوند پنهنجي هيڪل جي ريتن رسمن ۽ قاعدن قانونن بابت ٻڌايان ٿو سو سڀ ڪن ڏيئي ٻڌ ۽ اکيون کولي ڏس. تون ذهن ۾ رک تہ ڪير ڪير منهنجي هيڪل جي چوديواريءَ اندر اچي وڃي سگھي ٿو ۽ ڪنهن ڪنهن کي اچڻ وڃڻ جي اجازت نہ آهي.