Ezekiel 45:17 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ پوءِ اهو انهي حاڪم جو فرض ٿيندو تہ سوختني قربانيون کاڌي جون قربانيون ۽ پيئڻ واريون قربانيون، عيدن تي، ۽ نوَن چنڊن تي، ۽ سبتن تي، ۽ اسرائيل جي گهراڻي جي مقرر ڪيل سڳورن ڏينهن تي ڏئي: هو گناهہ جي قرباني، ۽ کاڌي جي قرباني، ۽ سوختني قرباني، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون تيار ڪندو، انهي لاءِ تہ اسرائيل جي گهراڻي لاءِ ڪفارو ٿئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ انهيءَ حڪمران جو اهو فرض ٿيندو تہ هر عيد ، نئين چنڊ ۽ هر سبت جي موقعي تي بلڪ بني اسرائيل قوم جي سڀني مقرر ڏينهن تي ساڙڻ واريون قربانيون، اناج جون قربانيون ۽ اوتڻ واريون قربانيون مهيا ڪري. تنهن کان علاوہ بني اسرائيل قوم جي گناهن جي ڪفاري لاءِ هن کي گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيون، اناج جون قربانيون، ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون مهيا ڪرڻيون پونديون.“