Ezekiel 45:25 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
ستين مهيني جي پندرهين تاريخ بہ، عيد تي هو ستن ڏينهن تائين ساڳيو انهي طرح ڪندو؛ گناهہ جي قربانيءَ، ۽ سوختني ۽ کاڌي واري قربانيءَ ۽ تيل موافق.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنبن واري عيد جيڪا هر سال ستين مهيني جي پندرهين تاريخ کان ستن ڏينهن تائين ملهائي ويندي آهي، تنهن تي بہ حڪمران هر روز ايترا ئي جانور پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ ۽ ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪري جيترا عيد فصح تي قربان ڪيا وڃن. ساڳيءَ طرح اناج ۽ زيتون جي تيل جو بہ ساڳي ئي مقدار ۾ قربانيءَ سان گڏ پيش ڪيو وڃي.“