Ezekiel 45:8 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
اُنهي زمين ۾، اُها اسرائيل ۾ سندس موروثي ملڪيت ٿيندي، ۽ منهنجا بادشاهہ وري اڳتي منهنجي قوم تي ظلم نہ ڪندا، پر هو اها زمين اسرائيل جي گهراڻي کي سندن فرقن موجب ڏيندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ جو مطلب هي آهي تہ وچ واري مخصوص ايراضيءَ ۽ شهر واري حصي کان سواءِ حڪمران جي زمين وارو حصو ملڪ جي اوڀر واري سرحد کان اولهہ واري سرحد تائين ايترو ڊگھو هوندو جيترو هر قبيلي کي ڏنل حصو هوندو. اها زمين بني اسرائيل جي ملڪ جي هر حڪمران جي هوندي. سو اهي اڳتي منهنجي قوم کان زمين کسي وري ظلم نہ ڪندا ۽ سڀني ماڻهن کي سندن ملڪ اندر ڏنل علائقن ۾ امن ۽ سلامتيءَ سان رهڻ ڏيندا.“