Ezekiel 46:18 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهن کانسواءِ بادشاهہ رعيت جو ورثو نہ وٺندو، جنهنڪري هو پنهنجي موروثي ملڪيت کان خارج ٿي وڃن؛ هو پنهنجن پٽن کي خود پنهنجي ملڪيت مان ورثو ڏيندو: انهي لاءِ تہ منهنجي قوم مان ڪوبہ ماڻهو پنهنجي موروثي ملڪيت کان خارج ٿي نڪري نہ وڃي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
حڪمران جيڪو ورثو پنهنجي پٽن کي ڏيڻ چاهي، سو خود سندس لاءِ وقف ڪيل زمين مان ئي هجي. ائين نہ ٿئي جو هو رعيت کي سندن موروثي زمين کان بي‌دخل ڪري سندن اهو ورثو پاڻ حاصل ڪري. اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ منهنجي قوم مان ڪوبہ ماڻهو پنهنجي موروثي زمين کان بي‌دخل نہ ڪيو وڃي.“