Ezekiel 46:19 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
پوءِ هن، دروازي جي پاسي واري لنگهہ منجهان مون کي وٺي، ڪاهنن وارين پاڪ ڪوٺين ۾ آندو، جن جو منهن اُتر ڏانهن هو: ۽ ڏس، الهندي ڏانهن پٺئين ڀاڱي تي هڪڙي جاءِ هئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ جنهن ماڻهوءَ مون حزقي‌ايل کي هيڪل جي عمارتن جي ماپ ڪري ڏيکاري هئي سو مون کي ٻاهرين اڱڻ جي اترئين پاسي اولهہ واري انهيءَ گھٽيءَ ۾ وٺي آيو جيڪا خداوند جي خدمت لاءِ مخصوص ڪمرن جي اڳيان هئي، جن جو منهن اتر طرف هو. اتي ڇا ڏسان تہ گھٽيءَ جي اولهہ پاسي هڪڙي خالي جاءِ پيل آهي.