Ezekiel 46:9 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر جڏهن ملڪ جا سڀ ماڻهو مقرر ڪيل عيدن تي خداوند جي اڳيان اچن، تڏهن جيڪو سجدي ڪرڻ لاءِ اُتر واري دروازي جي رستي اندر اچي، سو ڏکڻ واري دروازي کان ٻاهر نڪري وڃي؛ ۽ جيڪو ڏکڻ واري دروازي جي رستي اندر اچي، سو اُتر واري دروازي کان ٻاهر نڪري وڃي؛ جنهن دروازي جي رستي کان اندر آيو هجي، انهي رستي کان ٻاهر نہ وڃي، پر سڌو نڪ سامهون نڪري هليو وڃي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن ملڪ جو عوام مقرر ڪيل عيدن تي مون خداوند آڏو سجدو ڪرڻ لاءِ هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ ۾ اچي تہ پوءِ انهن مان جيڪي اتر واري ٻاهرين لنگھہ کان اندر آيا هجن سي سجدي ڪرڻ کان پوءِ ڏکڻ واري ٻاهرين لنگھہ کان ٻاهر نڪري وڃن ۽ جيڪي ڏکڻ واري ٻاهرين لنگھہ کان اندر آيا هجن، سي اتر واري ٻاهرين لنگھہ کان ٻاهر نڪري وڃن. مطلب تہ جيڪو جنهن لنگھہ کان اندر آيو هجي سو ساڳئي لنگھہ کان ٻاهر نہ نڪري وڃي بلڪ پنهنجي سامهون واري لنگھہ کان ٻاهر نڪري هليو وڃي.