Ezekiel 47:1 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هن مون کي موٽائي گهر جي در تي آندو؛ ۽ ڏس اُڀرندي ڏانهن گهر جي چانئٺ جي هيٺان پاڻي ٿي نڪتا، ڇالاءِ جو گهر جو اڳ اُڀرندي ڏانهن هو: ۽ پاڻي گهر جي ساڄي پاسي کان قربانگاهہ جي ڏکڻ پاسي هيٺان ئي هيٺان ٿي لٿا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ مون حزقي‌ايل کي موٽائي هيڪل جي عمارت جي دروازي وٽ آندو. اتي ڇا ڏسان تہ انهيءَ دروازي جي چانئٺ هيٺان ڏکڻ واري پاسي کان چشمي جو پاڻي نڪري هيڪل جي اڳيان اڳيان اوڀر طرف ڏانهن وهندي قربان‌گاهہ جي ڏکڻ کان ٿيندو اڳتي وهندو ٿي ويو.